حميد ڀٽو

حميد ڀٽو

حميد ڀٽو

حميد ڀٽو: هدايتڪار، ڪمپيئر ۽ ليکڪ حميد ڀٽو، ولد عبدالمجيد ڀٽو 6 جولاءِ 1969ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ بعد گرئجوئيشن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم. اي (سوشيالاجي) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. کيس لکڻ پڙهڻ سان ننڍپڻ کان وٺي دلچسپي هئي، ڇهين جماعت ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو ۽ سياست ۾ دلچسپيءَ سبب پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ سپاف جو صدر چونڊيو ويو. اسڪول ۾ ٿيندڙ ڊرامن ۽ خاڪن ۾ اداڪاري به ڪيائين اتي کيس هدايتڪار نياز شيخ اسٽيج ناٽڪ ’مراد اِن ٽربل‘ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪو جنوري 1988ع ۾ پريس ڪلب لاڙڪاڻي ۾ پيش ٿيو. لاڙڪاڻي بواءِ اسڪائوٽ گروپ ۾ شامل ٿي اسڪائوٽ سرگرمين ۾ حصو ورتائين. لاڙڪاڻو بواءِ اسڪائوٽ گروپ جي گروپ ليڊر کان جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي تي فائز رهيو. 1988ع جي آخر ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيائين. ٽائيگر آرٽ اڪيڊميءَ جو بنياد وڌائين 1988ع ۾ ناليواري فلمي هدايتڪار شاهه اسد سان گڏجي ’سنڌ فنڪار تنظيم‘ جو بنياد وڌائين. جنهن ۾ حميد ڀٽي کي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جو صدر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ هي تنظيم جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري به مقرر ٿيو. 26 ڊسمبر 1990ع تي پني عاقل جي ناز سينيما ۾ سندس فني خدمتن عيوض سندس تاج پوشي ڪئي وئي. جنوري 1992ع ۾ هن سنڌ فنڪار تنظيم ڇڏي، ”ناليج سينيٽر سنڌي فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ“ جو قيام عمل ۾ آندو.
1993ع ۾ پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو. 1995ع ۾ ڪلچرل ونگ لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر ۽ 1997ع ۾ سنڌ جو نائب صدر چونڊيو 1999ع ۾ ڪلچرل ونگ سنڌ جو آرگنائيزر ٿيو ۽ ڪلچرل ونگ جي تنظيم سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ڪيترا ثقافتي ميلا، ناٽڪ ۽ ميوزيڪل پروگرام ڪندو ۽ مختلف شخصيتن سان رهاڻيون، فنڪارن ۽ اديبن جون ورسيون ملهائيندو رهيو.
1997ع کان وٺي ڪراچي صدر ۾، ’فنڪار هائوس‘ قائم ڪري فنڪارن جي سهائتا لاءِ جاکوڙيندو اچي هن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ سان گڏجي ڪيترن فنڪارن ۽ اديبن کي ايوارڊ ڏياريا آهن.
2002ع ۾ سنڌي اديبن جي وفد سان گڏ ’سنڌي اڪيڊمي دهليءَ‘ جي سڏ تي ڀارت ويو، جتي کيس اوارڊ به مليو. 1995ع ۾ اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کيس ڪيش ايوارڊ ۽ وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ڪلچرل ايوارڊ ڏنو.
حميد ڀٽو 2000ع کان ڪجهه سال روزاني ’شام‘ اخبار جو ڪراچيءَ ۾ بيورو چيف رهيو، ان دوران 2004ع ۾ سنڌ ٽي وي تي ڊائريڪٽر ايوينٽ مقرر ٿيو. جتي ڪيترائي ثقافتي شو، جهڙوڪ ’هڪ شاعر هڪ فنڪار‘ ۽ ’ڪچهري‘ پيش ڪيائين. هن ٽيليويزن تي ڪيترا فنڪار متعارف ڪرايا. ڀارت جي 11 وڏن شهرن ۾ 32 شو منعقد ڪرايائين ۽ مختلف شخصيتن کان انٽرويو ورتائين. حميد ڀٽو کي مڃتا طور سال 2000ع ۾ انگلينڊ جي انٽرنيشنل بايوگرافيڪل اداري گولڊ ميڊل ڏنو کيس 100 کان وڌيڪ اوارڊ ملي چڪا آهن. جن ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ جو ’مهراڻ اوارڊ‘ شامل آهي.
حميد ڀٽو ماهوار ’فنڪار‘ ڪراچيءَ جو چيف ايڊيٽر ۽ ماهوار ’مومل‘ ميگزن ڪراچيءَ جو ڊپٽي ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. روزاني ’اڳواڻ‘ لاڙڪاڻي، هفتيوار ’رابيل‘ لاڙڪاڻي ۽ روزاني ’يادگار‘ سکر جو به رپورٽر رهيو آهي. سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وظيفن واري ڪاميٽيءَ جو ٽي سال ميمبر رهيو.
جنوري 2009ع ۾ ’ڌرتيٽيليويزن سٿ ۾ شامل ٿيو، جتي پروگرام مينيجر ۽ ڊائريڪٽر پروگرامز رهيو ۽ اتي 100 کان وڌيڪ وڊيو گانا تيار ڪرايائين. ڌرتي ٽي. وي تي ڪرنٽ افيئر سيڪشن جي هيڊ ۽ اينڪر پرسن طور پروگرام ’اڄ جي شخصيت‘ ۽ ’سنڌ جو مقدمو‘ جي ميزباني ڪندو رهيو.
حميد ڀٽو 1999ع کان سال 2005ع تائين ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي مختلف پروگرامن جو ميزبان ۽ انائونسر به رهيو آهي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جو 2000ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ فوڪ اينڊ هريٽيج ڪاميٽي جو سال 2005ع ۾ ڪو چيئرمين ۽ 2009ع ۾آڊيو وڊيو ۽ لائبريري ڪاميٽيءَ لاءِ ڪو چيئرمين ۽ ساڳئي سال ڪو آرڊينيشن ڪاميٽي آرٽس ڪائونسل جو ڪو چيئرمين چونڊيو ويو.
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو بنياد پوڻ کانپوءِ کيس 2009ع کان 2010ع تائين ڪو آرڊينيٽر چونڊيو ويو آهي. سال 2001ع کان ڪراچي پريس ڪلب جو ميمبر ٿيو.
2005ع کان اڄ تائين روزاني ’هلچل‘ حيدرآباد جو چيف رپورٽر آهي.
حميد ڀُٽي پاڪستان ٽيليويزن لاءِ 1994ع ۾ پشاور سينٽر لاءِ لانگ پلي ’ڪالا دوپٽا‘ لکيو، جنهن کي شهرت ملي ۽ کيس پي. ٽي. وي پشاور سينٽر تان رائيٽر اوارڊ ۽ هن ڪيترين آڊيو ڪيسٽ ۽ سي ڊيز ۾ ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي آهي ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکيا آهن. سندس سنڌ جي فنڪارن، اداڪارن ۽ راڳين تي مشتمل هڪ ڪتاب ’سنڌ جا فنڪار‘ به تياريءَ هيٺ آهي.
جڏهن ته حميد ڀٽو 2012ع کان بينظير هيلٿ اويئيرنس ۽ ريڊيو جي اسٽيشن ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي.


لفظ حميد ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.07.06  عيسوي

هدايتڪار، ڪمپيئر ۽ ليکڪ حميد ڀٽو، ولد عبدالمجيد ڀٽو 6 جولاءِ 1969ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ولي رام ولڀ
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
طارق اشرف
عشرت علي خان
قابل ڏاهري
سنڌو پياسي
چانڊيو منير2
آفتاب ابڙو
پٺاڻ نثار احمد
عبدالحليم شرر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون